دلشاد بيگم مرزا

دلشاد بيگم مرزا

دلشاد بيگم مرزا

دلشاد بيگم مرزا: دلشاد بيگم مرزا، شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جـي ٻيو نمبر نياڻي هئي، جيڪا 8 نومبر 1910ع ۾ ٽنڊي ٺوڙهي، حيدرآباد ۾ پيدا ٿي. پاڻ پنهنجي سڳي چاچي خانبهادر ۽ پهرين مسلمان گرئجوئيٽ صادق بيگ مرزا جي ننهن هئي. هوءَ پنهنجي پيءُ جي صحبت ۾ رهي، سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ نثر ۽ نظم لکڻ لڳي. پاڻ 1947ع جي مئي مهيني ۾، خاندان وارن سان گڏجي ڪربلا معليٰ جو سفر ڪيو ۽ واپسيءَ تي پهرين مسلمان عورت ليکڪا جي حيثيت ۾ ڪربلا جو سفرنامو تحرير ڪيو، جيڪو 2010ع ۾ ’مسافر ڪربلا‘ جي عنوان سان دوستي پبليڪيشن حيدرآباد جي پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. سندس ٻيو ڪيترو ئي اڻ ڇپيل مواد سندس خاندان وارن وٽ موجود آهي. دلشاد بيگم مرزا 4 مارچ 1953ع ۾ 43 سالن جي ڄمار ۾ ٿي.


لفظ دلشاد بيگم مرزاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1910.11.08  عيسوي

دلشاد بيگم مرزا، شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جـي ٻيو نمبر نياڻي هئي، جيڪا 8 نومبر 1910ع ۾ ٽنڊي ٺوڙهي، حيدرآباد ۾ پيدا ٿي.


1953.03.04  عيسوي

دلشاد بيگم مرزا 4 مارچ 1953ع ۾ 43 سالن جي ڄمار ۾ ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خالد شمس الحسن
علي مير شاهه
صالح بيگ مرزا ترخان اول
پاٽائي مخدوم عباس
سعيده گوپانگ
جعفر خان کوسو
پيرل پياسي
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
رکيو خان استاد
ڏهيسر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون